پچ 2

پچ 2

پچ 2

پچ 2: ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هڪ مرڪزي ۽ ڊگهي هموار پٽي ٻن وڪيٽن جي وچ ۾ موجود هوندي آهي، جنهن کي پچ سڏيندا آهن، پچ هڪ ڳنڍيل ۽ لچڪدار سلسلو آهي، جيڪو ٻاويهه وال (20.12 ميٽر) ڊگهو ۽ ڏهه فوٽ (3 ميٽر) ويڪرو ٿئي ٿو، جنهن جي سطح انتهائي هموار ۽ ننڍي قد واري گاهه جي گهٽ مقدار سان ڍڪيل ٿئي ٿي. جنهن جي مٿان رولر مشين هلائي گاٺ ۽ دٻاءَ ذريعي ان گاهه کي ختم ڪيو وڃي ٿو. شوق خاطر کيڏجندڙ ڪرڪيٽ ميچن ۾ هٿرادو پچون ٺاهي ڪم آنديون وينديون آهن، گهڻو ڪري ڪانڪريٽ سان ٺاهيل ٿلهي جي مٿان ناريل جي کل مان ٺاهيل ڄاري يا ساون ٻوٽن جي ٿڙن ۽ پنن کي وڇايو ويندو آهي ۽ پوءِ چڪي مٽيءَ سان ليپي انهن کي سڪائي استعمال ڪبو آهي. اهي پچون (Pitches) صرف نمائشي ميچن لاءِ ئي استعمال ٿينديون آهن. پچ تي ڪجهه نشانيون موجود هجن ٿيون، ڪريز ان ليڪي کي چيو ويندو آهي، جنهن جي اندر بيٽسمين رهي ڪري بيٽنگ ڪندو آهي. ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هڪ مستطيل ايراضي، جنهن ۾ پچ موجود هوندي آهي، ان کي اسڪوائر سڏيو ويندو آهي، ڪرڪيٽ جي قانون موجب قانون جو ستون قائدو پچ متعلق آهي ۽ اٺون قائدو وڪيٽ متعلق آهي. پچ جي مرڪزي حصي تي هڪ مستطيل جيڪو پچ جو وچ ٺاهي ٿو، ٻه فوٽ ويڪرو ۽ پنج فوٽ ٻنهي ڪريزن جي منڍ کان شروع ٿي پچ جي وچ تائين پهچي ٿو، ان کي ’پروٽيڪٽيڊ ايريا‘ چوندا آهن، بالر جيڪڏهن بالنگ ڪرائيندي ٽي دفعا ان ايراضيءَ تان گذريو ته امپائر کيس اننگ جي پوري ٿيڻ تائين بالنگ ڪرائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏيندو آهي، اگر قدرتي طور پچ تي گاهه وڌيل ۽ گهميل هجي، ته ان کي ”گرين پچ“ سڏيو ويندو آهي، اها پچ اسپن بالرن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي آهي، ڪرڪيٽ جي قانون موجب جيڪڏهن پچ کي ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ پاڻي ڏنو وڃي ته شروعات ۾ پچ تي بالنگ ڪرائڻ ڏکي ٿي پوندي آهي ۽ بيٽسمين ان جو پورو فائدو وٺندا آهن، پر چئن پنجن ڏينهن تائين پچ جي سڪڻ بعد ان ۾ ڏرا اڀري ايندا آهن ۽ پچ ڌوڙ ۾ تبديل ٿي پوندي آهي. اهڙي پچ کي ”ڊسٽ بال“ يا ”مائين فيلڊ پچ“ سڏيندا آهن. پچ جون اهي تبديليون ڏسي ٽاس کٽڻ وارا ڪيپٽن پچ جي ڏکيائيءَ جي نوعيت معلوم ڪندا آهن ۽ پوءِ انهيءَ مطابق بالنگ يا بيٽنگ جو فيصلو ڪندا آهن. مينهن پوڻ جي حالت ۾، رات جو گهم کان يا ڪنهن ٻئي خطري کان بچائڻ لاءِ پچ کي پلاسٽڪ يا پيراشوٽ جي ڪپڙي مان ٺهيل پوش سان ڍڪيو ويندو آهي. ڪرڪيٽ جي قانون جي يارهين قائدي موجب ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ پچ کي بغير ڪنهن ضرورت جي يا ٽاس کٽڻ کان اڳ ۾ لکت واري فيصلي يا قانون کانسواءِ ڍڪي نه ٿو سگهجي. ڪرڪيٽ جي قانون جو ڏهون قائدو ميچ جي تياريءَ ۽ سار سنڀال بابت آهي. پچ ۽ گرائونڊ مان غير ضروري پاڻيءَ کي ”واٽر هاگ“ مشين ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي. پچ کي هڪ مخصوص دٻاءَ هيٺ رولر مشين جي مدد سان دٻايو ويندو آهي. امپائر جي مرضيءَ مطابق صرف ستن منٽن تائين ئي پچ تي رولنگ ڪري سگهجي ٿي. رولنگ ڪرڻ کان اڳ ۾ ۽ ميچ جي دوران به پچ کي صاف ڪيو ويندو آهي ته جيئن پچ کي نقصان کان بچائي سگهجي. ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ پچ ۽ ٻاهرئين ميدان تان وڌيل گاهه کي لڻيو ويندو آهي. امپائرن کي بيٽسمين ۽ بالر جي پير رکڻ واري ڏر جو خاص خيال رکڻو پوندو آهي. انهيءَ ڏرن ۾ ريتي وجهرائي هڪ ڏينهن کان وڌيڪ وارين ميچن لاءِ محفوظ بڻايو ويندو آهي، ميچ واري ڏينهن تي پريڪٽس ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ راند ۾ پچ واري اسڪوائر کي ڇڏي گرائونڊ جي ٻئي اسڪوائر تي کيڏي سگهجي ٿو ۽ پوءِ ميچ شروع ٿيڻ کان 30 منٽ اڳ ۾ پريڪٽس بند ڪئي وڃي ٿي، جيئن اصلي ميچ شروع ڪرائڻ لاءِ تياري ڪري سگهجي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ امتيازي پچون موجود آهن. ايشيا جي ملڪن ۾ خشڪ پچون هئڻ ڪري اسپن بالرن کي فائدو پهچي ٿو، جڏهن ته آسٽريليا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ به بائونسي پچون هئڻ ڪري فاسٽ بالر فائدي ۾ رهن ٿا، پچ جي سلوڪ مطابق ئي اصل راند ۾ ٽيمون تشڪيل ڏنيون وينديون آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو